پاڪستانسنڌ

کورواهه ۾ گهرن تي پوليس چڙھائي، ڪيسن ۽ ڌمڪين خلاف مظاهرو

کورواهه: کورواهه ۾ ديھه آمڙڪي جي ڳوٺ چنيسر لنڊ جي رهواسين لکاڏنو لنڊ، اسماعيل لنڊ ۽ ٻين بااثر شخص پاران مبينا گهرن تي پوليس چڙھائي، ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ لڏي وڃڻ جي ڌمڪين خلاف گهرڀاتين سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي لکاڏنو لنڊ، اسماعيل لنڊ ۽ ٻين چيو ته اسان هن ڳوٺ ۾ پراڻي وقت کان ويٺل آھيون.

ڳوٺ جون صندون به اسان کي مليل آھن، هن وقت اسان کي ڳوٺ مان بيدخل ڪرڻ لا خادم ۽ حنيف لنڊ پاران ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اسان پورهيت ماڻھو آھيون، درياهه مان مڇي جو شڪار ڪري پيٽ پاليندا آهيون، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button