پاڪستانسنڌ

چوهڙ جمالي جي ماڇڪي نالي جي ٽيل ۾ پاڻي نه ڇڏڻ خلاف احتجاجي ريلي

چوهڙجمالي: چوهڙجمالي جي ماڇڪي نالي جي ٽيل ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ۽ شاخ کي پڪو نه ڪرڻ خلاف سماجي تنظيم ڪوسٽل ڪميونٽي ڊولپمينٽ ۽ راڄوڻي اتحاد پاران امير بخش جت، سيد احمد شاھه، عارب ڀتڙ، احمد ننڍڙو جت، اسماعيل شاھه، غلام زنگيجو، عرس مرگهل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهبندر چوڪ کان چوهڙجمالي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي زوردار نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان ٽيل جا ماڻھو گذريل ڪيتري عرصي کان پاڻي لا تڙپي رهيا آھيون، ماڇڪي نالي جي آر ڊي 157 تائين شاخ ۾ پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جر جو پاڻي زهريلو بڻجي ويو آھي.

اسان سمنڊ جو کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھيون، جنهن جي ڪري علائقي ۾ مختلف وبائي بيماريون ڦهلجي رهيون آھن، مسلسل پاڻي جي کوٽ هجڻ سبب بک، بدحالي ۽ فاقاڪشي جي ڪري هتان جا ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھن. هنن وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملو هٿ وٺي ايترو پاڻي شاخن ۾ ڇڏي ٿو، جيڪو ماڇڪي نالي جي ٽيل تائين پهچي نٿو، پاڻي نه هجڻ ڪري انسان توڙي چوپايو مال به اڃ وگهي تڙپي رهيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته ماڇڪي نالي جي ٽيل تائين پاڻي ڇڏي، شاخ کي پڪو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button