پاڪستانسنڌ

هالاپراڻا جي آ ٽي ڪاليج جي بحالي لا سول سوسائٽي جي بک هڙتال

هالا: آءِ ٽي ڪاليج هالاپراڻا جي بحالي لاءِ سول سوسائٽي سنڌ هالاپراڻا طرفان عبدالڪريم ميمڻ، عبدالرشيد ڏيٿو، عبدالرحيم ميمڻ، سردار اياز ميمڻ، مسعود مهدي، حامد قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هالا پريس ڪلب اڳيان ٽن ڏينهن واري علامتي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته ڪاليج جي ايس اين اي منظور ٿيڻ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ باوجود ڪاليج جا ڪلاس شروع نه ڪيا ويا آهن.

جنهن سبب داخلائون وٺندڙ ٻه سئو کان مٿي شاگردن جو مستقبل دا تي لڳل آهي، هنن چيو ته آءِ ٽي ڪاليج کي پنجيتاليهه ماڻهن جو اسٽاف ڏنل آهي پر هن وقت تائين صرف هڪ پرنسپال آيل آهي، جنهن جي ڪري هڪ سال ۾ هڪ ڪلاس به نه هلي سگهيو آهي، ڪاليج ۾ بجلي، پاڻي، فرنيچر سميت ڪابه سهولت مهيا نه ڪئي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته آءِ ٽي ڪاليج ۾ گهربل سهولتون مهيا ڪري ڪاليج جا ڪلاس جلد کان جلد شروع ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button