رانديون

پاڪستاني اسڪواڊ جي تياري هلندڙ، ڪرونا پروٽوڪولز بابت آگاهي

پاڪستان جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ لا چونڊيل ڪرڪيٽ ٽيم ايونٽ ۾ شاندار ڪاڪردگي ڏيکارڻ جي لا ڀرپور نموني سان تياري جاري رکي آهي. ميڊيا مطابق اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن کي ڪرونا پروٽوڪولز بابت آگاهي پڻ ڏني وئي آهي. ان حوالي سان گڏ ڪيل معلومات مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن لاهور ۾ فيلڊنگ ۽ بالنگ جا ٽپس سکيا آهن. جڏهن تھ اسڪواڊ جي رانديگرن ايل سي سي اي گرائونڊ ۾ وڃي ميچ کيڏي هڪٻئي کي ڀرپور نموني سان آزمايو آهي. هوڏانهن پي سي بي ميڊيڪل پينل جي ڊاڪٽر نجيب اللھ سومرو رانديگرن کي ڪرونا پروٽوڪولز تي تفصيلي ليڪچر ڏنو ۽ کين بنيادي طبي ڄاڻ بھ فراهم ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button