
ڪرڪيٽ جي مختصر فارميٽ واري وڏي ايونٽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ وڌيڪ تماشائين لا دروازا کلي ويا آهن، جنهن لا ٻين ٽڪيٽن جو بھ وڪرو شروع ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق دبئي ۽ اومان ۾ رٿيل ٽي 20 ورلڊ ڪپ مينز جي لا آئي سي سي 70 سيڪڙو تماشائين وارو تعداد وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن لا وڌيڪ ٽڪيٽن جي وڪري وارو ڪائونٽر کوليو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ تماشائين کي وڌ ۾ وڌ ميدان تي آڻڻ لا ٽڪيٽن کي وڪري لا رکڻ جي خبر ايندي ئي خريدارن جي رش ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، تنهنڪري امڪان آهي تھ ميدان ذري گهٽ ڀرجي ويندو. ايونٽ ۾ باقي 4 ڏينهن رهيا، 17 آڪٽوبر تي پهرين ميچ پاپوا نوگئي ۽ اومان جي ٽيمن وچ ۾ ٿيندي. جڏهن تھ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن ۾ مقابلو 24 آڪٽوبر تي ٿيندو، جنهن لا ميچ جون سموريون ٽڪيٽون وڪامي ويون.