رانديون

ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جو ميلو 4 ڏينهن بعد شروع ٿيندو

ڪراچي: ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جو ميلو 4 ڏينهن بعد 17 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو. پهرين مرحلي ۾ 8 ٽيمون گروپ ميچز کيڏنديون، جنهن ۾ 4 ٽيمون ٻئي مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، 17 آڪٽوبر تي گروپ ميچز جي پهرين ميچ عمان ۽ پاپوا نيوگني ۾ کيڏي ويندي.

ٻئي طرف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي انعامي رقم جو اعلان ڪيو آهي، فاتح ٽيم کي 16 لک ڊالرز ملندا، رنر اپ 8 لک جڏهن ته سيمي فائنل ۾ شڪست کائيندڙ ٽيمون چار چار لک ڊالرز جون حقدار هونديون.

ٽيمن وچ ۾ گروپ ميچز کٽڻ جي رقم ڌار هوندي، جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم گروپ ۾ ناقابل شڪست رهي ورلڊ ڪپ کٽي ٿي ته 22 ڪروڙ رپيا ڪمائيندي. ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جون تياريون جاري آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button