
شڪارپور ۾ چرس ڪيس ۾ گرفتار جوابدار پوليس کان ڇڏائي فرار ٿي ويو. وڏو منشي معطل ٿي ويو. ان سلسلي ۾ چرس ڪيس ۾ قيد ڪاٽيندڙ جوابدار حبيب اللّه بروهي کي ڊسٽرڪٽ جيل کان شڪارپور ڪورٽ ۾ پيشي لاءِ آندو پئي ته جوابدار اهلڪارن کان پاڻ ڇڏائي فرار ٿي ويو. اهڙي صورتحال کانپوءِ پوليس کيس پڪڙڻ لاءِ ڊوڙندي رهي پر هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏھن ته پوليس جي اهڙي غفلت کانپوءِ ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو معاملي جو نوٽيس وٺندي پوليس لائين جي وڏي منشي نصير چنا ۽ اهلڪار لکمير جعفري کي معطل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن پوليس جوابدار جي وارثن ۽ چڱن مڙسن کي منٿن کانپوءِ ڊيل تحت فرار ٿيل جوابدار کي ٻيهر پوليس حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد کيس ڊسٽرڪٽ جيل حوالي ڪيو ويو.