سنڌ

باقراڻي ويجهو دڪان تي ويٺل نوجوان کي مارڪٽ،متاثر جو احتجاج

باقراڻي ويجهو ڳوٺ ھٽي ۾ موٽرسائيڪل سوارن دوڪان تي ويٺل ڳوٺ رحيم ٻگھيو واسي نوجوان ياسين ميمڻ کي مارڪٽ ڪري فرار ٿي ويا. اھڙي واقعي خلاف متاثر نوجوان ياسين ميمڻ پنهنجي مائٽن وزير ميمڻ، عثمان ميمڻ، نظير ميمڻ، عمران ميمڻ سان گڏجي واقعي خلاف پريس ڪلب باقراڻي اڳيان احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته ڳوٺ ملان ابڙا واسي جوابدارن نديم ابڙو، عرفان ابڙو ۽ عباس ابڙو بنا جواز حملو ڪري تشدد ڪيو آهي. ھن ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. باقراڻي ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button