سنڌ

ڏوڪري ۾ ٺيڪيدار پاران نالين ۾ناقص مٽيريل استعمال خلاف احتجاج

ڏوڪري ۾ ٺيڪيدار جو انوکو ڪارنامو گندي پاڻيءَ ۾ بغير سيمينٽ ۽ ريتي جي خالي سرون رکي نالي ٺاهڻ لڳو. مدينه ۽ ڀٽائي ڪالوني ۾ هلندڙ نالين جو ترقياتي ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار نئين سر نالين کي تعمير ڪرڻ بدران پراڻين ٺھيل نالين جي مٿان بنا سيمينٽ ۽ ريتي جي خالي سرون رکي ناليون ٺاهڻ لڳو. ان ڏس ۾ مدينه ۽ ڀٽائي ڪالوني جي رهواسين سارنگ علي، قربان علي، علي بخش ۽ ٻين چيو ته نالين جو نئين سر تعميراتي ڪم ڪرڻ بدران ٺيڪيدار جڳاڙ ڪري پراڻين نالين مٿان بنا سيمينٽ ۽ ريتي جي خالي سرون رکي ناليون ٺاهي رهيو آهي جيڪا ڪجھه ئي ڏينهن ۾ ٽٽي پوندي ۽ نالين جو گندو پاڻي گهٽين ۾ بيهجي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button