سنڌ

لاڙڪاڻو سنڌ ها ڪورٽ ۾ آ بي اي ٽيسٽ خلاف پٽيشن جي شنوائي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ آ بي اي سکر پاران تعليم کاتي ۾ جي ايس ٽي ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ خلاف وڪيل عمران مگسي جي پٽيشن جي شنوائي ٿي، جتي آ بي اي يونيورسٽي جو ايڊيشنل رجسٽرار اظهر علي سومرو پيش ٿي يونيورسٽي پاران جواب داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته آ بي اي ٽيسٽنگ سروس سکر پاران جي ايس ٽي جي ڀرتين لاءِ 13 سيپٽمبر کان 17 سيپٽمبر تائين لکت ٽيسٽ ورتي وئي، جنهن ۾ روزانو جي بنياد تي اٽڪل 8 هزار اميدوار شامل هئا، وڏي انگ ۾ اميدوارن کي ساڍي ستين وڳي سينٽر تي پهچڻو هو، جنهن ڪري ٽيسٽ وٺڻ لاءِ 2 کان 3 ڪلاڪن جو وقت گهربل هو، جيئن سمورن اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي وڃي. 16 سيپٽمبر تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي 7769 اميدوار هئا، جيڪي پوڻين ڏهين ڌاري سينٽر اندر داخل ٿيا ۽ انهن کان سوا ڏهين وڳي ڌاري ٽيسٽ ورتي وئي پر ان باوجود انهن اميدوارن کي 30 منٽ اضافي ڏنا ويا ۽ دير سان ايندڙ اميدوارن کي سينٽر اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ اميدوارن کي بنا اوريجنل شناختي ڪارڊ جي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه هئي، مختلف وقت مقرر ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن هو سوير اچي سگهن ۽ انهن جي تصديق وارو عمل جلد مڪمل ٿي سگهي. اهڙو جواب داخل ٿيڻ کانپوءِ عدالت پٽيشن جي شنوائي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button