سنڌ

ڪشمور ويجهو ڪار ۽ رڪشا ۾ ٽڪر سبب هڪ ڄڻو فوت

ڪشمور ويجهو رڪشا ۽ ڪار ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ سبب هڪ ڄڻُ فوت ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. چوڪ ماڙي جي مجلس مان موٽندڙ ڪشمور واسين جي ڇڪڙي رڪشا ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي اوٻاڙي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 60 ورهين جي زوار پنهل شيخ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته زخمي ٿيل زوار شان، زوار لياقت شيخ ۽ ٻين جو علاج هلندڙ هو. زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي وڃي ٿي. اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن کنڀڙا پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button