رانديون

رائل چيلينجرز بنگلور جي شڪست بعد آسٽريلوي رانديگرن کي گاريون ملڻ لڳيون

بينگلور: رائل چيلينجرز بنگلور آءِ پي ايل مان ٻاهر ٿيڻ بعد ڀارتي مداحن آسٽريليا جي گلين ميڪسويل ۽ ڊين ڪرسٽين کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون آهن.

ايليمينٽر ۾ ميڪسويل گذريل 6 مهينن دوران پهريون ڀيرو 40 رنسون کان گهٽ اسڪور ڪري رن آئوٽ ٿي ويو هو، هن چيو ته آن لائن مليل گاريون توهين آهي.

ٻئي طرف ڪرسٽين چيو آهي ته سندس ساٿي جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي غلط ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته راند کٽڻ ۽ هارائڻ ٿيندو رهندو آهي، انهي کي برداشت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هاڻي گلين ميڪسويل ۽ ڊين ڪرسٽين آسٽريليا جي ورلڊڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button