رانديون

ٽي-20 ورلڊ ڪپ لا قومي ٽيم جو سرڪاري ترانو عاطف اسلم ڳائيندو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ٽي-20 ورلڊ ڪپ فيسٽيول گڏيل عرب امارات ۾ ڪجھه ڏينھن ۾ منعقد ٿي رھيو آھي ۽ ھن فيسٽيول کان اڳ ڪرڪيٽ جا مداح بيچينيءَ سان قومي ٽيم جي سرڪاري تراني جو انتظار ڪري رھيا آھن.

ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ترانو مشهور پاڪستاني ڳائڻو عاطف اسلم ڳائي رهيو آهي. اها دعويٰ ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي ڪري رهيا آهن، جن مطابق تراني جي وڊيو ۾ ڪپتان بابراعظم ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا ٻيا رانديگر به شامل هوندا.

وقار نالي هڪ ٽوئيٽر صارف لکيو ته عاطف اسلم ٽي-20 ورلڊڪپ جو سرڪاري ترانو ڳائيندو ۽ بابراعظم به ان جو حصو هوندو.

فلڪ شير نالي هڪ صارف چيو آهي ته عاطف اسلم ٽي-20 ورلڊڪپ جو سرڪاري ترانو ڳائنيدو، جنهن جي وڊيو ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪيترائي رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button