اسلام آباد

ڪرڪ مندر حملو ڪيس، سپريم ڪورٽ جو جوابدارن کان مهيني اندر رقم وصول ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪرڪ مندر حملي جي ڪيس ۾ هڪ مهيني ۾ حملي ۾ ملوث جوابدارن کان رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ چيف سيڪيٽري خيبرپختونخواهه کي رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هڪ مهيني ۾ 3 ڪروڙ 30 لک روپين کان وڌيڪ رقم هر جوابدار ۾ برابر ورڇ ڪري وصول ڪيو.

خيبرپختونخواهه حڪومت ڪيس ۾ جوابدارن کان رقم وصول ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو. ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه جو چوڻ هو ته اڃا جوابدارن خلاف ٽرائل هلي رهيو آهي، ٽرائل کان پوءِ ڪو بيگناهه نڪتو ته وصول ڪيل رقم جو ڇا ٿيندو؟

چيف جسٽس گلزار احمد ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه کي مخاطلب ڪندي چيو ته سوچي سمجهي ڳالهايو اهو عدالتي حڪم آهي.

رميش ڪمار عدالت کي ٻڌايو ته مندر جو رستو بند ڪيو ويو آهي، چيو پيو وڃي ته مقامي عالمن سان ڳالهايو.

چيف جسٽس چيو ته عالم ايندا ته انهن کي به ڏسي وٺنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button