اسلام آباد

وزيراعظم جي تحفن جا تفصيل پڌرا ڪرڻ لا حڪومت اسلام اباد ها ڪورٽ کان مهلت گهري ورتي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان کي پرڏيهه مان مليل تحفن جا تفصيل پڌرا ڪرڻ بابت حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان هڪ ڀيرو ٻيهر مهلت گهري ورتي آھي.

اسلام آباد ها ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن ڪو دفاعي تحفو آهي ته ڀلي اهو ظاهر نه ڪريو پر هر تحفي کي لڪائڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟

حڪومت تحفن جا تفصيل لڪائي ڇو شرمسار ٿي رهي آهي؟

حڪمرانن کي مليل تحفا سندن ذاتي ملڪيت نه پر عوامي آهن.

عدالت سرڪاري وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا عوامي عهدي بنا ڪير ڪنهن کي تحفو ڏيندو آهي؟ حڪومت کي گهرجي ته گذريل 10 سالن دوران مليل تحفا پبلڪ ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button