
ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش کي 35 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ونڊسر پارڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ٻي ٽي 20 ۾ ويسٽ انڊيز 5 وڪيٽن تي 193 رنسون ٺاهي وڏو هدف ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ بنگلاديش جي ٽيم 6 وڪيٽون وڃائي 158 اسڪور ڪري 35 رنسن تان هارائي وئي آهي. ويسٽ انڊيز جي روومين پاويل 61 ۽ برينڊن ڪنگ 57 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ بنگلاديش جو بيٽر شڪيب الحسن 68 رنسن جي اننگز کيڏڻ باوجود ٽيم کي ڪاميابي نھ ڏياريو سگهيو آهي.