رانديون

گرانٽ بريڊ برن پاڪستان ڪرڪيٽ جو عهدو ڇڏي ڏنو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نيشنل هائي پرفارمنس سينٽر ۾ هيڊ آف هائي پرفارمنس ڪوچ جو عهدو ڇڏي ڏنو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ گرانٽ بريڊ برن عهدو ڇڏي ڏنو آهي، سندس دور ۾ بهتر ڪم ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ هائي پرفارمنس ڪوچ طور استعيفيٰ ڏياري موڪلي آهي. جڏهن تھ پي سي بي چيئرمين رميز راجا جي رٿا تحت اين ايڇ سي ۾ وڌيڪ تبديلين جو امڪان آهن. هوڏانهنگرانٽ بريڊ برن جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ پاڪستان ۾ رهڻ دوران پاڻ کي محفوظ ۽ سهڪار ملندڙ تصور ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button