رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ جي عزم سان شاهين دبئي پهچي ويا

آئي سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا مقابلا سڀاڻي کان دبئي ۽ اومان ۾ شروع ٿي رهيا آهن، جن ۾ شرڪت لا پاڪستاني ٽيم ٽرافي کٽڻ جو عزم کڻي دبئي پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني ٽيم جا رانديگر ۽ آفيشلز صبح سوير ايئرپورٽ پهتا، جتان اهي خاص چارٽرڊ جهاز ذريعي دبئي پهتا آهن. جڏهن تھ ايونٽ جو افتتاح شاهي انداز ۾ ڪيو ويندو، جنهن لا ٽرافي کي گهوڙي جي پٺي تي رکي ميدان ۾ آندو ويندو. آئي سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سڀاڻي بنگلاديش آئرلينڊ ۽ اومان پاپوا نيوگنيا جي ٽيمن ۾ پهريان مقابلا کيڏيا ويندا. هوڏانهن پاڪستاني اسڪواڊ ڪپتان بابراعظم جي اڳواڻي ۾ دبئي ۾ ديرو ڄمائي ورتو، جنهن ۾ سرفراز ۽ شعيب ملڪ جهڙا تجربيڪار گڏ آيا آهن. ٽيم هڪ ڏينهن جي ڪورنٽائين ڪرڻ بعد 18 ۽ 20 آڪٽوبر تي پاڪستاني ٽيم ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا سان پريڪٽس ميچ کيڏندي ۽ سندس پهرين ميچ 24هين آڪٽوبر تي ڀارت سان ٿيندي. شاهين آفريدي سئو سيڪڙو پرفارمنس لا تيار هجڻ جو عزم ڏيکاريو آهي. ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ قوم کي اپيل آهي تھ ٽيم سان گڏ هجو ۽ ان جي ڪاميابي لا دعا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button