
فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ فقير محب خان جمالي خلاف نوابشاهه جي ماڊل ڪورٽ ۽ فرسٽ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ ھلندڙ 6 ڪيس عدالت ختم ڪري ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل فقير محب خان جمالي سندس ٽن ڀائرن مجاھد جمالي، محمد سومر جمالي، حب علي جمالي سندس پُٽ سليم جمالي، سئوٽ ھدايت علي جمالي ۽ ڀاڻج نثار علي جمالي کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. عدالتي احاطي ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير محب خان جمالي چيو ته منھنجي ۽ منھنجي عزيزن خلاف سياسي انتقامي ڪارروائي ڪندي مخالفن پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا پر اسان سچا حُر آھيون، جيڪي نه ڪڏھن ظلم آڏو جھڪيا آھيون نه وڪيا آھيون.