سنڌ

مورو ۾ ٽرالر جو بيٺل ٽرالر کي ٽڪر،ڊرائيور فوت،ڪلينر زخمي

مورو با پاس تي قومي شاھراہه تي لبيڪ ھوٽل وٽ تيز رفتار ٽرالر بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ٽرالر ڊرائيیور فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪلينر زخمي ٿي پيو. اطلاع تي موٽر وي ۽ مورو پوليس پھچي ٽرالر کي ڪٽي لاش ۽ زخمي کي ٻاھر ڪڍي تعلقي اسپتال مورو پھچايو، فوتي ٽرالر ڊرائيور جي سڃاڻپ عزيز الحسن طور ٿي، جڏهن ته زخمي ڪلينر جي سڃاڻپ زاھد طور ٿي، فوتي ۽ زخمي پنجاب جي شھر صادق آباد جا رھواسي آھن. فوتي جو لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جنھن کي وارث صادق آباد کڻائي ويا، زخمي کي وڌيڪ علاج لا نوابشاہه اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف حادثي جو سبب بڻجندڙ ٽرالر کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. حادثي جي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button