ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميگا ايونٽ جو ميلو اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ بنگلاديش، آئرلينڊ، اومان ۽ نيوگينيا جي ٽيمن وچ ۾ مقابلا ٿيندا. جڏهن تھ اڄوڪين ميچن جو هنڌ اومان آهي. ڪرڪيٽ جي مختصر فارميٽ واري ستين عالمي ايونٽ جي چيمپيئن شپ لا ميچن کي رائونڊ هڪ ۽ سپر 12 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن تھ ايونٽ ۾ 16 ٽيمون ٽرافي لا ويڙهه ۾ شامل آهن، جن مان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ وڏو مقابلو 24 آڪٽوبر تي رکيو ويو آهي. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيلنج پورو ڪرڻ لا تيار ٿي ويو آهي. ايونٽ جي رائونڊ هڪ جون ٽاپ ٻھ ٽيمون سپر 12 مرحلي ۾ شامل ٿينديون، آسٽريليا، ڏکڻ آفريقا، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز ۾ 23 آڪٽوبر تي ميچ کيڏي ويندي. هوڏانهن پاڪستاني ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو کيڏي رهيو آهيان، 2009ع جهڙي تاريخ ورجائڻ چاهيون ٿا. جڏهن تھ شاداب خان چيو آهي تھ اسان جي لاعوام جي حمايت ئي حقيقي سپر پاور آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close