رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو ميلو اڄ کان شروع، بنگلاديش، آئرلينڊ، اومان ۽ نيوگينيا ۾ مقابلا ٿيندا

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميگا ايونٽ جو ميلو اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ بنگلاديش، آئرلينڊ، اومان ۽ نيوگينيا جي ٽيمن وچ ۾ مقابلا ٿيندا. جڏهن تھ اڄوڪين ميچن جو هنڌ اومان آهي. ڪرڪيٽ جي مختصر فارميٽ واري ستين عالمي ايونٽ جي چيمپيئن شپ لا ميچن کي رائونڊ هڪ ۽ سپر 12 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن تھ ايونٽ ۾ 16 ٽيمون ٽرافي لا ويڙهه ۾ شامل آهن، جن مان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ وڏو مقابلو 24 آڪٽوبر تي رکيو ويو آهي. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيلنج پورو ڪرڻ لا تيار ٿي ويو آهي. ايونٽ جي رائونڊ هڪ جون ٽاپ ٻھ ٽيمون سپر 12 مرحلي ۾ شامل ٿينديون، آسٽريليا، ڏکڻ آفريقا، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز ۾ 23 آڪٽوبر تي ميچ کيڏي ويندي. هوڏانهن پاڪستاني ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو کيڏي رهيو آهيان، 2009ع جهڙي تاريخ ورجائڻ چاهيون ٿا. جڏهن تھ شاداب خان چيو آهي تھ اسان جي لاعوام جي حمايت ئي حقيقي سپر پاور آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button