رانديون

سريلنڪا جي چوٿين وڪيٽ 198 رنسن تي ڪري پئي، ميٿيوز 42 رنسون ٺاهي آئوٽ

سريلنڪا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن واري راند جاري آهي، جنهن ۾ سريلنڪا جي چوٿين وڪيٽ 195 رنسن تي ڪري پئي آهي، جنهن ۾ اينجلو ميٿيوز 42 رنسون ٺاهي آ.وٽ ٿي ويو آهي. ان کان اوپنرن سٺي شروعات ڪندي اسڪور اڳتي وڌايو هو، سريلنڪن بيٽرن اعتماد سان کيڏندي اسڪور 198 ڪري ورتو آهي. اوپنرن مان اوشاڊا فرنانڊو 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 50 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. جڏهن تھ ڪپتان ڊيموٿ ڪرونارتني 40 رنسون ٺاهيون ۽ ڪوشل ميڊس رڳو 3 رنسن تي رن آئوٽ ٿي ويو آهي. هن وقت دنيش چنديمل 44 ۽ ڌننجيا ڊي سلوا 2 رنسن تي کيڏي رهيا آهن. پاڪستاني بالرن مان نعمان علي، محمد نواز ۽ ياسر شاهه هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button