پاڪستان

لاهور جي عدالت جو دعا زهرا کي ڪراچي اماڻڻ جو حڪم

لاهور: لاهور جي مقامي عدالت دعا زهرا کي ڪراچي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڊيشل مئجسٽريٽ رضوان احمد لکت وارو حڪم جاري ڪيو آهي، عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته دعا زهرا کي جڊيشل مئجسٽريٽ ڪراچي اولهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، دعا زهرا جي تحفظ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن. لکت حڪم ۾ چيو ويو آهي ته عدالت پيشي کان اڳ ڪنهن به ڌر کي دعا زهرا سان ملاقات ڪرڻ نه ڏئي. لاهور ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ رضوان احمد ڪراچي پوليس جي درخواست تي لکت وارو حڪم جاري ڪيو. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته دعا زهرا جي تحفظ ۽ عدالت ۾ پيشي جي ذميواري انسپيڪٽر محمد علي ۽ اهلڪار عزيزا سلطانا جي آهي. ياد رهي ته جڊيشل مئجسٽريٽ ڪراچي جي حڪم تي پوليس دعا زهرا جي حوالگي جي درخواست داخل ڪئي هئي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به دعا کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button