رانديون

هڪ ميچ يا سيريز ۾ شڪست ملندي اسين قرباني جا ٻڪر ڳوليندا آهيون: مصباح

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مصباح الحق پنهنجي عهدي ڇڏڻ جي حوالي سان نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ سليڪشن ڪاميٽي جي آندل تبديلين کي تنقيد جو نشانو بڻائي ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ اسان هڪ ميچ يا سيريز ۾ شڪست ملندي ئي پاڻ کي بچائڻ لا اسين قرباني جا ٻڪر ڳولڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون. مصباح الحق ٻڌايو تھ پاڪستان ۾ رڳو نتيجي تي ئي ڌيان ڏيڻ وڏو مسئلو آهي، جڏهن تھ ان کان اڳتي نٿا وڃون ۽ نھ ئي رانديگرن ۾ اسڪلز ڏسون ٿا. هن چيو تھ جيڪڏهن اسان اهڙي ڪاسميٽڪ سرجري جاري رکي تھ تبديلي نھ ايندي، اسين رڳو ڪوچز ۽ پليئر بدلائي سگهون ٿا، پر اصل مسئلو موجود رهندو. هن چيو تھ پهرين اوهان ٽيم لا تبديليون ڪيون ۽ بعد ۾ يوٽرن وٺي نيڪالي ڏنل ڪرڪيٽر واپس کڻي آيا آهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button