رانديون

ڀارت خلاف ميچ ۾ 6 بيٽسمين، 3 اسپنر ۽ 3 تيز بالر کيڏايا ويندا

پاڪستاني ڪرڪيٽ جي ٽيم مينيجمينٽ 24 آڪٽوبر تي ڀارت خلاف ميچ ۾ 6 بيٽسمين، 3 اسپنر ۽ 3 تيز بالر کيڏائڻ جي رٿابندي مڪمل ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽيم جي مينيجمينٽ رٿابندي تحت فارم ۾ نھ هجڻ ڪري حيدر علي جي کيڏڻ جا گهٽ امڪان آهن. جڏهن تھ ضرورت پوڻ تي محمد حفيظ ۽ شعيب ملڪ کان بالنگ ڪرائڻ واري آپشن کي بھ کليل رکيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ مينيجمينٽ بابر ۽ رضُوان کان اوپننگ ڪرائڻ جو رٿيو آهي. جڏهن تھ فخر الزمان کي ون ڊائون تي موڪلڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙي ريت شعيب ملڪ ۽ محمد حفيظ جهڙن تجربيڪارن کي مڊل آرڊر جي مدد لا رٿيو ويو آهي. بالنگ ۾ شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف ۽ حسن علي تي وڌيڪ ڀروسو ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ اسپنرز عماد وسيم ۽ شاداب خان کي جارحاڻي بيٽنگ لا هدايت ٿي آهي.

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اعزاز جي ڳالهه آهي: ميٿيو هيڊن

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي 20م ورلڊ ڪپ لا مقرر ٿيڻ هيڊ ڪوچ ميٿيو هيڊن چيو آهي تھ منهنجي لا پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي پهرين ئي ميچ پريشر واري آهي، جيڪا اهم ڳالهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button