پاڪستاني ڪرڪيٽ جي ٽيم مينيجمينٽ 24 آڪٽوبر تي ڀارت خلاف ميچ ۾ 6 بيٽسمين، 3 اسپنر ۽ 3 تيز بالر کيڏائڻ جي رٿابندي مڪمل ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽيم جي مينيجمينٽ رٿابندي تحت فارم ۾ نھ هجڻ ڪري حيدر علي جي کيڏڻ جا گهٽ امڪان آهن. جڏهن تھ ضرورت پوڻ تي محمد حفيظ ۽ شعيب ملڪ کان بالنگ ڪرائڻ واري آپشن کي بھ کليل رکيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ مينيجمينٽ بابر ۽ رضُوان کان اوپننگ ڪرائڻ جو رٿيو آهي. جڏهن تھ فخر الزمان کي ون ڊائون تي موڪلڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙي ريت شعيب ملڪ ۽ محمد حفيظ جهڙن تجربيڪارن کي مڊل آرڊر جي مدد لا رٿيو ويو آهي. بالنگ ۾ شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف ۽ حسن علي تي وڌيڪ ڀروسو ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ اسپنرز عماد وسيم ۽ شاداب خان کي جارحاڻي بيٽنگ لا هدايت ٿي آهي.
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اعزاز جي ڳالهه آهي: ميٿيو هيڊن
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي 20م ورلڊ ڪپ لا مقرر ٿيڻ هيڊ ڪوچ ميٿيو هيڊن چيو آهي تھ منهنجي لا پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي پهرين ئي ميچ پريشر واري آهي، جيڪا اهم ڳالهه آهي.