رانديون

ڏکڻ آفريقا هٿان شڪست مينيجمينٽ کي پريشان ڪري ڇڏيو

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي وارم اپ ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا هٿان 6 وڪيٽن تان شڪست ملڻ تي ٽيم مينيجمينٽ پريشانين جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ انهن رانديگرن توڙي ٽيم مينيجمينٽ جي اهم گڏجاڻي سڏائي ورتي آهي، جنهن ۾ شڪست جي سببن تي غور ڪيو ويندو. ميڊيا رپورٽن مطابق ورلڊ ڪپ ٽي 20 جي وارم اپ ميچ ۾ ٽيم جي شڪست بعد مينيجمينٽ پاران غلطيون جاچڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ٽيم جي رانديگرن کي اجلاس ۾ سڏائي غلطين تي غور ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ اهم معاملن تي ويچارڻ تي اتفاق ٿيو آهي. جڏهن تھ رانديگرن سان گڏجاڻي ڪرڻ کان اڳ ٽيم مينيجمينٽ پاڻ ۾ ويهي صورتحال بابت مشُورا بھ مڪمل ڪندي. ذريعن موجب ڀارت سان پهرين ميچ کان اڳ ٽيم جي وارم اپ ميچ ۾ شڪست بعد مينجمينٽ کي پريشان ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button