سنڌ

دادو پوليس ننڍي عمر جون 2 شاديون ناڪام بڻائي ڇڏيون

دادو: دادو پوليس ننڍي عمر جون ٻه شاديون ناڪام بڻائي ڇڏيون، وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل انچارج بينظير جمالي ڪارروائي ڪندي ننڍي عمر جي شادين کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

ڳجهي اطلاع تي پوليس دادو شھر جي دلدار ڪالوني ۾ ڇاپو ھنيو، جتي 11 ورهين جي نينگري سميران پنھور جي شادي 12 ورهين جي نينگر نائيب پنھور سان ڪرائي پئي وڃي.

جڏهن ته ساڳئي ھنڌ 15 ورهين جي اسد پنھور جي شادي 14 ورهين جي تسليم پنھور سان ڪرائي پئي وئي، پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ ڄڻي عامر پٽ جان محمد پنھور کي گرفتار ڪري ورتو.

رابطي ڪرڻ تي وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل انچارج بينظير جمالي جو چوڻ هو ته ننڍي عمر جون شاديون غيرقانوني آھن، ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ کي خفيه اطلاع مليو، جنهن جي حڪمن تي ڪارروائي ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button