پاڪستانسنڌ

مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني ٽرانزيڪشن روڪڻ لاءِ ڪرپٽو کي قانوني شڪل ڏني وڃي: ها ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپٽو ڪرنسي ڪيس جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ لکت حڪم نامو جاري ڪيو.

جنهن ۾ عدالت چيو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪرپٽو ڪرنسي ۾ ڪاروبار جي اجازت آهي، پاڪستان ۾ به عالمي سطح تي بئنڪنگ ٽرانزيڪشن لاءِ سهولتن جي ضرورت آهي.

قانون جي دائري ۾ ڪرپٽو کي قانوني شڪل ڏئي سگهجي ٿي، پاڪستان حڪومت ان حوالي سان پاليسي فيصلو جاري ڪري، ڪرپٽو ڪرنسي جو ڪاروبار پهريان ئي ڳجهي نموني سان جاري آهي، بهتر آهي ته مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني ٽرانزيڪشن کي روڪڻ لاءِ ڪرپٽو ڪرنسي کي قانوني شڪل ڏني وڃي.

لکت حڪم نامي موجب عدالت چيو ته ڪرپٽو ڪرنسي ۾ ڪاروبار جي اجازت لاءِ ريگيوليٽ ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي، ڪرپٽو ڪرنسي نئين طريقي جي بئڪنگ ترانزيڪشن آهي، تنهن ڪري قانوني حيثيت جو جائزو وٺڻ گهرجي.

لکت حڪم نامي ۾ عدالت ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ سيمان ڪامل جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت هدايت ڪئي ته ڪميٽي جو پهريون اجلاس 25 آڪٽوبر تي ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button