پاڪستانسنڌ

حڪومت نيب سان گڏجي خورشيد شاهه کي انتقام جو نشانو بڻايو: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت نيب سان گڏجي خورشيد شاهه کي ٻه سال قيد ۾ رکي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو.

پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه کي ضمانت تي مبارڪ ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خورشيد شاهه ۽ ان جي سڄي خاندان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، خورشيد شاهه کي جهڪائي ۽ ڊيڄاري نٿو سگهجي.

هن چيو ته ڪرپشن جي جعلي ڪيسن جي آڙ ۾ خورشيد شاهه کي جمهوريت سان وفا جي سزا ڏني وئي، پي ٽي آءِ پنهنجي خلاف مزاحمت جي تواني آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button