پاڪستانسنڌ

12 ٻارن جي گمشدگي، سنڌ هائي ڪورٽ ڊي آئي جي سي آئي اي کي طلب ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي ڪيس ۾ ڊي آ جي سي آئي اي جي غيرحاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ شنوائي تي اڳڀرائي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڄاڻايل درخواست جي شنوائي ڪئي، عدالت پوليس آفيسرن تي ڪاوڙ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته افسوس آهي جو ٻارڙن جي معاملي تي به سنجيده نه آهيو.

سي آئي اي عملدارن اعتراف ڪندي چيو ته 36 مان 12 ٻارڙن جو ڪو پتو ناهي پيو، خدشو آهي ته ٻار انساني اسمگلنگ يا عضون جي وڪري ۾ استعمال نه ٿيا هجن، انساني اسمگلنگ ۽ عضون جي وڪري تي جاچ ڪري رهيا آهيون.

عدالت ڪاوڙ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڊي آئي جي سي آئي اي پيش ڇو ناهي ٿيو؟ ٻارڙن جي لاپته هجڻ جو معاملو ڪافي سنجيده آهي، کين بنا دير بازياب ڪرايو وڃي، درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته اڃا تائين 12 ٻار غائب آهن، پوليس وارا چئي رهيا آهن ته هڪ لاپته ٻارڙي شادي ڪري ڇڏي آهي.

ڇوڪري جي والدين کي ان ڳالهه جي ڪائي خبر نه آهي، پوليس مطابق هڪ لاپته ٻار نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو ۽ جيڪو ٻار نالي ۾ ڪري پيو آهي پوليس ان جي به ثبوت سان رپورٽ ناهي ڏني.

عدالت پوليس رپورٽ تي ريمارڪس ڏنا ته اوهان ماڻهو رڳو خانه ڀريو ٿا، عدالت ڊي آئي جي سي آئي اي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

عدالت گم ٿي ويل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته گم ٿي ويل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.

عدالت ڊي آئي جي سي آئي اي کي اڳڀرائي رپورٽ سميت 24 نومبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button