پاڪستانسنڌ

عوام هڪ ڏسڻ چاهي ٿو، 84 واري ايم ڪيو ايم ٺاهڻ چاهيون ٿا: فاروق ستار

ڪراچي: سينيئر سياستدان فاروق ستار چيو آهي ته تبديلي جي دعويدارن گذريل سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، غربت عروج تي آهي، عوام کي ڀت سان نه لڳايو وڃي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته حڪومت جيڪا ٽين بجيٽ پاس ڪئي، ان کان هيل تائين 50 سيڪڙو مهانگائي وڌي آهي، تحريڪ انصاف سان گڏوگڏ ايم ڪيو ايم به مهانگائي جي ذميوار آهي.

هن چيو محسوس ٿي رهيو آهي ته اپوزيشن منظم ۽ متحد ناهي، عوام اسان کي هڪ ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿو، 84 واري ايم ڪيو ايم ٺاهڻ چاهيون ٿا.

هن جو چوڻ هو ته ماڻهو مون کي ۽ خالد مقبول صديقي کي پڪڙي پڪڙي هڪ ٿيڻ جو چون ٿا، چون ٿا ته گڏيل طور ڪراچي کي اون ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچي وڃو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button