رانديون

سرڪاري ٽي وي واقعي جو وفاقي وزير فواد چوڌري نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم

اسلام آباد: سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سرڪاري ٽي وي جي لائيو پروگرام ۾ اسپورٽس شو جي ميزبان ۽ شعيب اختر وچ ۾ جهيڙي جو نوٽيس وٺندي ان جي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

وفاقي وزير معاملي جي جاچ لاءِ ايم ڊي پي ٽي وي جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. وفاقي وزير پاران جوڙيل ڪميٽي جو اجلاس اڄ ئي ڪوٺايو ويو آهي، جنهن ۾ ميزبان ڊاڪٽر نعمان نياز ۽ شعيب اختر وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جاچ دوران ميزبان ۽ شعيب اختر وچ ۾ ٿيل آن ايئر ۽ آف ايئر ڳالهه ٻولهه جو جائزو به ورتو ويندو.

ڪميٽي پنهنجي جاچ رپورٽ وفاقي وزير فواد چوڌري ڏانهن اماڻيندي ۽ ميزبان جي غلطي ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ هن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

وفاقي وزير فواد چوڌري پاران جوڙيل ڪميٽي اسپورٽس پروگرام جي ميزبان نعمان نياز ۽ شعيب اختر کي طلب ڪري ٻنهي جو موقف به معلوم ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button