غير درجه بندي

پڊعيدن ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف سول سوسائٽي جي ريلي

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف پڊعيدن ۾ سول سوسائٽي پاران نصرت ڪئنال پُل کان ريلوي ڦاٽڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل شھرين حڪومت خلاف هٿن ۾ بينر کڻي سخت نعريبازي ڪئي. انصاف علي راڄپر، امداد ڪلھوڙو، نويد اڄڻ، عبدالحق پلھه، باغي سھيل پلھه، سارنگ بڙدي، سڪندر عباسي، امجد شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت عوام سان واعدا ته ڪيا پر هڪ به واعدو وفا نه ڪيو آهي، عمران خان نوڪريون ۽ گهر ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جيڪو اڃا تائين پورو نه ٿيو آهي، ويتر هزارين ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائي مهانگائي ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button