پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي ۾ بااثر مائٽن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

اوٻاوڙو جي علائقي مريد شاخ جي ڳوٺ دلدار شر جي رهواسين امان الله شر، دين محمد شر ۽ ابوبڪر شر صحافين وٽ پهچي پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سونا خان شر ۽ سندس پٽن چاڪر ۽ عبدالغفار خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي امان شر دانهيو ته منهنجي ڀائيٽي شيرين شر جي شادي چاڪر شر سان ٿيل آهي، جنهن بعد سندس مڙس بنا ڪنهن جواز جي تي تشدد ڪندو رهندو آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ به اسان جي ڀائيٽي تي تشدد ڪيو هو، اسان نياڻي تي تشدد ڪرڻ کان منع ڪئي ته هنن مڇرجي اسان جي گهرن تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪئي آهي. هنن دانهيو ته کنڀڙا ٿاڻي تي شيرين شر پنهنجي مڙس چاڪر شر ۽ سندس ڀائرن غفار ۽ سهري سونو شر خلاف تشدد ڪرڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو آهي، ان باوجود پوليس جوابدار چاڪر شر ۽ ٻين کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو، جڏهن ته ايف آ آر ۾ نامزد جوابدار ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ اسان کي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button