پاڪستانسنڌ

عوام بدترين مهانگائي ۽ معاشي بدحالي جو شڪار آهي: شازيا مري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيا عطا مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي 29 آڪٽوبر تي وڌندڙ مهانگائي خلاف تاريخي ملڪ گير احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ھن چيوته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي پي پي جا جيالا انھي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري احتجاج کي تاريخي بڻائيندا، ھن چيو ته ملڪ اندر عوام بدترين مهانگائي ۽ معاشي بدحالي جو شڪار آهي.

اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن ڪالهه پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو، ھن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ئي ملڪ ۽ عوام کي مشڪلاتن مان نجات ڏياري سگهي ٿي ۽ پيپلزپارٽي ئي واحد سياسي جماعت آهي جنهن جي قيادت ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جي صلاحيت آهي.

ھن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن پي ٽي آئي جي نااھل حڪومت پاران زرعي ترقياتي بينڪ مان ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي ۽ بدترين مھانگائي دوران ملازمن کي بي روزگار ڪرڻ نھايت ئي شرمناڪ ۽ ظالماڻو عمل آهي.

ھن چيو ته عوام پي پي پي چئئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور ساٿ ڏئي کيس ڪامياب بڻائين ھو عوام کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button