پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت 250 بسون روڊن تي آڻڻ لا ترڪي ۽ چين سان معاهدو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪراچي سميت ٻين ضلعن ۾ بسون هلائڻ لاءِ اين آر ٽي سي جي ذريعي ترڪي ۽ چين سان معاهدو ڪري ڇڏيو آهي، ٽرانسپورٽ کاتي اين آرٽي سي سان گڏجي ترڪي ۽ چين سان معاهدي تي صحيحون ڪيون.

ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت اين آر ٽي سي سان گڏجي چين ۽ ترڪي سان گڏيل ڪنسورشيم ٺاهي معاهدو ڪيو آهي، 31 جنوري کانپوءِ ڪراچي ۾ پهرئين فيز ۾ 50 بسون روڊن تي اچي وينديون، فيبروري جي پهرئين هفتي ۾ بسون هلڻ شروع ٿينديون، باقي بسون ٻئي فيز ۾ اينديون.

هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سميت 5 ضلعن جي دستيابي لاءِ معاهدو ڪيو ويو آهي، منصوبي مطابق ڪراچي ۾ 6 روٽس تي ڊيزل هائيبرڊ بسون هلنديون، گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ بسون آنديون پيون وڃن.

اويس شاهه وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته 10 کان 12 سالن تائين بسن جي آپريٽنگ اين آر ٽي سي سنڀاليندي، بسون نه صرف سٺي حالت ۾ پر هلندي نظر اينديون، بسز پراجيڪٽ هڪ چيلينج هيو، ڪنسورشيم سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي آفر ڪئي.

صوبائي وزير چيو ته سنڌ مالي وسائلن جو شڪار هوندي به ٽرانسپورٽ لاءِ 8 ارب روپيا رکڻ مشڪل هو، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي سنڌ جي سهڪار سان ئي هي منصوبو شروع ٿي رهيو آهي، هي پهريون منصوبو آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 150 بسون آڻينداسين.

اويس شاهه چيو ته اهي ڏينهن پري ناهن جڏهن بسون ڪراچي جي رستن تي نظر اينديون، اسان ڪراچي سميت سڄي صوبي کي اون ڪندا آهيون، مخالفن کي اڄ سڀني سوالن جا جواب ملي ويا هوندا، اسان ڪنهن کان به روزگار کسڻ جي پٺيان ناهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button