سريلنڪا جي ٽيم ايشيا ڪپ ٽي-20 جي اهم مئچ ۾ بنگلاديش کي سخت مقابلي بعد 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سپر فور مرحلي ۾ پهچي وئي، جڏهن ته بنگالي لڳاتار ٻي ناڪامي سبب ميگا ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويا آهن. دبئي اسٽيڊيم ۾ بنگلاديشي بالر 183 رنسن جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، سريلنڪا 8 وڪيٽون وڃائي آخري اوور ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري ڏيکاريو. ان کان اڳ بنگلاديش طرفان مهدي حسن 38 ۽ عافف حسين 39 رنسون ٺاهيون پر بالرن ٻنهي جي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. اهڙي طرح گروپ بي مان افغانستان کانپو سريلنڪا به سپر فور مرحلي لا ڪواليفا ڪري ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close