پاڪستان

ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 30 لک کان وڌيڪ ٻارن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون

گڏيل قومن جي اداري يونيسيف خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 30 لک کان وڌيڪ ٻارڙن جون حياتيون پاڻي مان ڦهلجندڙ بيمارين، ٻڏڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ جي کوٽ جي وڌندڙ خطري جي گهيري ۾ آهن ۽ انهن کي ترت امداد جي ضرورت آهي. يونيسيف جي جاري ڪيل رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ سبب 30 لک کان وڌيڪ ٻيمارين کي مختلف بيمارين کان بچائڻ لا فوري مدد جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ يونيسيف جي نمائندي عبداللّٰه فادل جو چوڻ آهي ته جڏهن به قدرتي آفتون اينديون آهن ته هميشه ٻار سڀ کان وڌيڪ متاثر ۽ خطري هيٺ رهندا آهن، برساتن ۽ ٻوڏ ٻارن ۽ خاندانن کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي، ٻوڏ معصوم ٻارن ۽ ڪٽنبن کي اڳيئي تباهي آڻيندڙ نقصان پهچائي چڪو آهي ۽ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 40 سيڪڙو ٻار جن کي دائمي طور تي گهٽ خوراڪ ملڻ جي شڪايت هئي، اهي هاڻي وڌيڪ غذائي کوٽ جو شڪار ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڏينهن ۽ هفتن اندر وڌيڪ خراب صورتحال جو خدشو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته متاثر علائقن ۾ پاڻي جي نظام کي 30 سيڪڙو نقصان پهچڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، جنهن سان ماڻهن ۾ کلي عام حاجت پوري ڪرڻ ۽ غير محفوظ پاڻي پيئڻ سبب بيماريون پکڙجڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته يونيسيف جو ادارو حڪومت ۽ ٻين ڀائيوارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته ٻارن کي جلد امداد ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button