اسلام آبادپاڪستانعالمي

7 ملڪن جي 15 عالمي اين جي اوز کي رليف ڪمن جي اجازت ملي وئي

اسلام آباد :گهرو وزارت آمريڪا، جاپان، فرانس، جرمني ۽ برطانيا سميت ٻين 7 ملڪن جي 15 عالمي اين جي اوز کي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي. انهن اين جي اوز جون پهريان کان پاڪستان ۾ آفيسون موجود هيون، انهن اين جي اوز کي انهن متاثر ماڻهن جي مدد، رليف ۽ بحالي جو اين او سي به جاري ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ ٽير فنڊ (برطانيا)، سڪيور اسلامڪ فرانس (فرانس)، مرسي ڪارپس (آمريڪا)، لائف لائن ڪرسچن ڊولپمينٽ سروسز (جرمني)، مسلم هينڊز (برطانيا) سي بي ايم اي ڊاٽ وي ڊاٽ (جرمني)، ترڪي معرف فائونڊيشن (ترڪي)، ڪيٿلڪ رليف سروسز (آمريڪا)، اي اي آر جاپان (جاپان)، ڪي اين ڪي جاپان (جاپان)کي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪمن جي اجازت لاءِ گهرو وزارت خميس ڏينهن باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهي انٽرنيشنل اين جي اوز پهرين کان پاڪستان وٽ رجسٽرڊ آهن، کين صرف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو، رليف، بحالي ۽ امدادي ڪمن لاءِ اجازت ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button