اسلام آبادپاڪستان

يو اي اي مان متاثرن لاءِ 50 ملين ڊالر جو سامان اچڻ شروع ٿي ويو: وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ملين ڊالر جو امدادي سامان اچڻ شروع ٿي ويو آهي. گذريل رات صدر محمد بن زيد النهان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ هن يقين ڏياريو ته هو ٻوڏ متاثرن جي امداد جاري رکندو. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يو اي اي جي صدر جي دعوت تي منهنجو 3 سيپٽمبر تي گڏيل عرب امارات جو دورو طئي هو پر اسان سڄو ڌيان متاثرين جي ريليف ۽ بحالي تي ڏيڻ جي لاءِ ان دوري کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڻ سان گڏ بيهندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جا سدائين قرضي رهنداسين. ٻئي طرف شهباز شريف قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ عوام کي بجلي فراهمي ۾ ريليف ڏيڻ جي لاءِ مهانگي درآمدي تيل بدران سج جي روشني سان بجلي پيدا ڪرڻ جي فيصلي تي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عوام کي بجلي جي معاملي تي ريليف ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ مان مهانگو تيل گهرائي بجلي ٺاهڻ بدران سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم ملڪ جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت جي لاءِ وڏو ۽ بنيادي قدم کنيو آهي، جنهن سان پاڪستان اربين ڊالرن جي بچت ڪري سگهندو. منصوبي تحت مهانگي درآمدي ٻارڻ (ڊيزل ۽ فرنس آئل) جي جڳهه تي سولر پاور مان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، پهرين مرحلي ۾ سرڪاري عمارتن، بجلي ۽ ڊيزل سان هلندڙ ٽيوب ويلز ۽ گهٽ يونٽس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي سج جي روشني سان پيدا ٿيندڙ بجلي ڏني ويندي. وزيراعظم سولر پاور پلانٽ جي جلد تعمير جي به هدايت ڪئي آهي. گرمين جي ايندڙ موسم شروع ٿيڻ تائين عوام کي بجلي جي فراهمي ۾ خاطرخواهه ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي منصوبي تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ايندڙ هفتي سڀني لاڳاپيل ماڻهن جي واڪ کان اڳ پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button