اسلام آبادپاڪستان

300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ فيول چارجز ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن تي فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ ڪري معيشت کي تباهه ڪيو. هن حڪومت ۾ پاڪستان جي سڀني سياسي جماعتن جي نمائندگي آهي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ڊالر ڪمائڻ لاءِ کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني. اڳوڻي حڪومت کنڊ برآمد ڪرڻ سان گڏوگڏ ان تي سبسڊي به ڏني. ائين سبسڊي سان اڳوڻي حڪومت پاڪستان جا اربين رپيا هڙپ ڪيا.
سندس چوڻ هو ته اسان صفا مهانگو تيل خريد ڪري مهانگي ترين بجلي ٺاهي، اسان مهانگي ترين بجلي عام ماڻهو کي سستي قيمت تي ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button