پاڪستانسنڌ

ٻوڏ متاثرن لاءِ دوائن جي کوٽ آهي:سنڌ جو صحت کاتو

ڪراچي :سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو اعتراف ڪيو آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ دوائن جي کوٽ آهي. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ عذرا پيچوهو چيو ته سنڌ جا سڀئي ضلعا ٻوڏ سان متاثر ٿيا آهن ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ دوائن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته 62 هزار ماڻهن جو ڪئمپن ۾ علاج ڪرائي رهيا آهيون، جڏهن ته 4 لک ماڻهو ڪئمپن کان ٻاهر آهن، جن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته بخار، نزلي، کنگهه جي دوائن، اينٽي الرجيز، اينٽي بائيوٽڪ دوائن ۽ ڊرپن جي کوٽ آهي. جڏهن ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ مليريا، ڊينگي سميت جلد جون بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button