پاڪستان

قرض جي رقم ملڻ بعد ڊالر جي اگهه ۾ وڌيڪ لاٿ، سون مهانگو

پاڪستان کي آ ايم ايف طرفان منظور ڪيل قرض هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر ملي وڃڻ بعد انٽر مارڪيٽ ۾ ڊالر جي ويليو ويتر گهٽجي وئي، جيڪو هڪ رپيو 48 پئسا لاٿ بعد 217 رپيا 27 پئسن جو ٿي ويو آهي. ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ 15 پئسا لاٿ آئي، جتي 218 رپيا 60 پئسن تي بند ٿي ويو. ٻئي طرف سڄي ملڪ ۾ سون جو اگهه گهٽجڻ بعد هڪ ڏينهن اندر 2 هزار رپيا في تولو چڙهي ويو آهي، جنهن بعد سون جي في تولو قيمت هڪ لک 41 هزار رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون جو اگهه 1715 رپيا اضافي بعد هڪ لک 20 هزار 885 رپيا تي وڃي پهتو آهي. ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 13 ڊالر گهٽجي 1702 ڊالر في اونس تي پهتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button