پاڪستان

آرمي چيف روجهاڻ جمالي پهچي ويو،ٻوڏ متاثرن سان ملاقات

آرمي چيف قمر جاويد باجوا بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقي روجهاڻ جمالي پهچي رليف جي ڪمن جو جائزو ورتو. آ ايس پي آر مطابق آرمي چيف روجهاڻ جمالي سان گڏوگڏ ڊيرا اسماعيل خان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو به جائزو ورتو، آرمي چيف فلڊ رليف ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ملاقات به ڪئي. ٻئي طرف پاڪ فوج پنهنجي هيلپ لائن سروس ذريعي ٻوڏ متاثرن جي وقت سر سهائتا ۽ خدمتن لا ڪوششون وٺي رهي آهي. آ ايس پر آر مطابق پاڪ آرمي جي هيليڪاپٽرن 157 اڏامن دوران ٻوڏ متاثر علائقن مان 1080 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 72 ٽن امدادي سامان به فراهم ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button