پاڪستان کي بابر اعظم جي سينچري، رضوان جي 88 رنسن ۽ پهرين وڪيٽ تي ڊبل سينچري پارٽنرشپ انگلينڊ خلاف ٽي-20 دنگل ۾ تاريخي ڪاميابي ڏياري ڇڏي، 200 رنسن جو جبل جيڏو هدف رضوان ۽ بابر بنا ڪنهن نقصان جي آخري اوور ۾ پورو ڪري پنهنجي نقادن کي پڻ ڀرپور جواب ڏنو آهي، سيريز ۾ 1-1 تان حساب برابر ٿي ويو. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان جي ٽيم ٽي-20 سيريز ۾ مهمان انگلينڊ خلاف شاندار سوڀ حاصل ڪري ڀرپور ڪم بيڪ ڪيو آهي، جنهن بعد ٽيم کان مداحن جون ناراضگيون به ختم ٿي ويون آهن، انگلينڊ طرفان مليل 200 رنسن جو هدف پاڪستان 3 بال اڳ ۾ بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري ورتو. ڪپتان بابر اعظم 66 بالن تي 110 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 11 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته محمد رضوان به سندس ڀرپور ساٿ ڏيندي 51 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 88 رنسون ٺاهيون. ان کان اڳ انگلينڊ جي ڪپتان معين علي ٽاس کٽي بئٽنگ جو فيصلو ڪيو ته 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا. فل سالٽ 30، ايلڪس هيلز 26، بين ڊڪيٽ 43 ۽ هيري بروڪ 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪپتان معين علي 23 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن سان 55 رنسن جو ڪٽڪو ڏنو پر سندس اننگز ضايع ٿي وئي. پاڪستان طرفان حارث رئوف ۽ شاهنواز ڏاهاڻي 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد نواز هڪ وڪيٽ ورتي. ٻئي طرف بابر اعظم ۽ رضوان ٻي اننگز ۾ بنا ڪنهن نقصان جي 200 رنسن جي ڀائيواري ڪري پنهنجو ئي 197 رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close