رانديون

ڀارت ۽ سريلنڪا ويمن ايشيا ڪپ ۾ ميچون کٽي ورتيون

ويمن ايشيا ڪپ ۾ ڀارت ۽ سريلنڪا جون ويمن ٽيمون پنهنجي پنهنجي ميچ کٽي ويون آهن. ميڊيا مطابق يو اي اي کي ڀارتي ٽيم 104 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڀارت جي بيٽرن مان جميما رودريج 75 ۽ دپتي شرما 64 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم جو اسڪور 175 رنسن تي پهچايو، جنهن جي جواب ۾ يو اي اي ويمن 4 وڪيٽن تي 74 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ ڪويشا 30 رنسون ٺاهيون آهن. هوڏانهن سريلنڪا جي 156 رنس جي جواب ۾ ٿائيلينڊ ويمن 107 رنسن ٺاهي 49 رنسن تان شڪست کاڌي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button