رانديون

پاڪستاني ٽيم ڪرائيسٽ چرچ پهچي وئي، پهرين ميچ ڇنڇر تي کيڏندي

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽھ ملڪي سيريز کيڏڻ جي حوالي سان نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائيسٽ چرچ پهچي وئي آهي، جتي بنگلاديش خلاف پهرين ميچ ڇنڇر تي کيڏندي. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ ۾ ٽھ ملڪي سيريز ڪرائيسٽ چرچ ۾ رٿي وئي آهي، جتي پاڪستان جو ميزبانن سان پهريون مقابلو آچر تي ٿيندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ پاڪستاني راندگر هڪ ڏينهن جي آرام بعد خميس کان پريڪٽس شروع ڪندا. جڏهن تھ بنگلاديشي ٽيم اڳ ئي نيوزيلينڊ پهچي چڪي آهي. هوڏانهن 13 آڪٽوبر تي آسٽريليا پهچي پاڪستاني اسڪواڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تياري شروع ڪري ڇڏيندو، جتي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جون وارم اپ ميچون پڻ رٿيون ويون آهن. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابراعظم پي سي بي پوڊ ڪاسٽ ۾ چيو آهي تھ سڀ شيون هڪدم بهتر نٿيون ٿي سگهن، ان ۾ وقت لڳندو آهي، انگلينڊ خلاف سيريز ميگا ايونٽ ۾ مدد فراهم ڪندي. نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن جو چوڻ هو تھ پاڪستان ڏکي ٽيم آهي، ٽھ ملڪي سيريز ۾ اسان پاڪستان توڙي بنگلاديش خلاف روٽيشن پاليسي تي عمل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button