رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا مقابلا سڀاڻي کان شروع، ٽرافي جي مهورت

آئي سي سي جي ننڍي فارميٽ واري ميگا ايونٽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا مقابلا سڀاڻي کان شروع ٿي رهيا آهن، جنهن جي ٽرافي جي مهورت ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق اڄ افتتاحي تقريب بعد پهرين ڏينهن ٻھ ميچ ٿيندا، جنهن ۾ سريلنڪا جو نميبيا ۽ يو اي اي جو نيڌرلينڊ جا سان مقابلو ٿيندو. جڏهن تھ سومر تي ويسٽ انڊيز اسڪاٽ لينڊ سان ۽ گڏيل عرب امارتن سان وري نيڌرلينڊ مقابلو ڪندا. ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهريون مقابلو 23 آڪٽوبر ٿي ٿيندو.

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شريڪ ٽيمن جا ڪپتان تصوير وٺي رهيا آهن

ان ڏس ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم جو چوڻ آهي تھ ڀارت خلاف اسان جا تيز بالر اهم هٿيار هوندا، جنهن ۾ اميد آهي تھ شاهين آفريدي  شاندار ڪم بيڪ ڪندو، اهڙي ريت خاص ڪري حارث رئوف ۾ اميد آهي، ڇوتھ هو آسٽريلوي ڪنڊيشنز کان واقف آهي. هن چيو تھ بالنگ، فيلڊنگ ۽ بيٽنگ ۾ تياري ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button